شهريار خان مهر

شهريار خان مهر

شهريار خان مهر

شهريار خان مهر: پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو اڳواڻ، محمد شهريار مهر، نامياري سياستدان غوث بخش خان مهر جو فرزند آهي. هن 6 فيبروري 1976ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. شهريار مهر پاڪستان ملٽري اڪيڊميءَ مان گريجوئيشن ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي آهي. عملي زندگيءَ جو آغاز هن پاڪ فوج ۾ ڪميشن ذريعي سيڪنڊ ليفٽيننٽ طور 1996ع ۾ ڪيو ۽ 2002ع ۾ ڪيپٽن جي عهدي تان استعيفا ڏئي ٻيهر زمينداريءَ سان وابسته ٿيو ۽ پوءِ والد جي نقشي قدم تي هلندي سياسي طور سرگرم ٿيو.
شهريار خان مهر 2013ع واري عام چونڊن ۾ ق ليگ جي ٽڪيٽ تان پي. ايس 10 شڪارپور اولڊ 2 واري تڪ تان ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو. هي سنڌ اسيمبليءَ ۾ قائم صنعت، تجارت، مائينز ۽ منرل ڊولپمينٽ، گهرو کاتي، ايريگيشن ۽ پاور شعبن جي اسٽيڊنگن ڪاميٽين جو ميمبر پڻ رهيو آهي. شهريار مهر اپوزيشن جماعتن سان گڏ سنڌ اسيمبليءَ ۾ مختلف مسئلن تي آواز اٿاريندو رهيو آهي. ڪجهه عرصو اڳ کيس فنڪشنل ليگ ۽ ٻين مخالف ڌر جي جماعتن پاران اپوزيشن ليڊر لاءِ به نامزد ڪيو ويو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.02.06  عيسوي

شهريار خان مهر 6 فيبروري 1976ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالستار اسحاق حاجي
جڙيل شاهه بخاري
بشير احمد قريشي
در محمد عالماڻي
سريندر ناٿ
بيبي رابعه بصري
راحت ڪاظمي
ڀورو مل ڪولهي وڪيل
ابوبڪر احمد حليم پروفيسر
انور پيرزادو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون